سکر: سنڌ جي پنجن ضلعن جي 27 تنظيمن جي گڏجاڻي ٿي گذري

Spread the love

سکر (رپورٽ: ماجد منگي ) ڳوٺ سينگار فائونڊيشن ۽ سول سوسائٽي ڊيموڪريٽڪ ريجنل نيٽ ورڪ جي تحت پريس ڪلب سکر ۾  سنڌ جي پنجن ضلعن جي ستاويھ تنظيمن جي گڏجاڻي ۽ ھڪ ڏينھن جو ٽريننگ ورڪشاپ ٿيو .

خبر موجب: ڳوٺ سينگار فائونڊيشن ۽ سول سوسائٽي ڊيموڪريٽڪ نيٽ ورڪ (  سي ايس ڊي اين ) جي پنجن ضلعن جي ستاويھ تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي جنھن ۾ تنظيمن سان پيش ايندڙ مسئلن تي ڳالھايو ويو.

 ڳوٺ سينگار فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو نذير احمد اڄڻ ، ولي محمد بوزدار،  پروگرام مئنيجر ارشاد سومرو، جاويد شاھ ، ريجنل ڪنوينر غلام نبي سومرو تربيتي ورڪشاپ ۾ چيو تہ نيٽ ورڪ کي پنھنجن پنھنجن علائقن م پائدار ترقي ، جمھوري عمل ، انتخابي عمل کي ھٿي وٺرائڻ وقت جي اھم ضرورت آھي ،

تنظيمن کي پنھنجن علائقن جي ماڻهن جي مسئلن کي ترتيب ڏيڻ گھرجي. ميٽنگ ۾ نصيب الله ملاڻو ، مصري ڀنڀرو ۽ ٻين چيو تہ ھن وقت ننڍين ننڍين تنظيمن کي ،بينڪ اڪائونٽ کولرائڻ توڙي بند پيل اڪائونٽن کي ٻيھر کولرائڻ لاءِ  مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي ، اڪائونٽ جي طريقہ ڪار کي مھينن جا مھينا گذري وڃن ٿا

 بينڪون سپورٽ نه ٿيون ڪن .سنڌ چيئرٽي ڪميشن ۾ بہ ڏکيائون پيش اچن ٿيون انھن ادارن سان ڳالھايو وڃي، ان موقعي تي تنظيمن جي اڳواڻن اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته بينڪ اڪائونٽ کولڻ واري مرحلي کي آسان بڻايو وڃي ،اسين سنڌ حڪومت کان پڻ اهم مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ چيئرٽي ڪميشن ۾ درخواستون ڏيندڙ تنظيمن کي جلد از جلد سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن تہ جيئين اسين صحيح نموني سان ڪم جاري رکي سگھون.

جُون 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو