سنڌ کي سرسبز بڻائڻ لاءِ سنڌ گرين تي عمل ڪيو پيو وڃي: تيمور ٽالپر
ڪراچي (رپورٽ:ثناءُ ﷲ هڪڙو) ٻيلي واري صوبائي وزير نوابزاده محمد تيمور ٽالپر چيو آهي ته اربن فاريسٽ لياري جو افتتاح 2020ع ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيو هو،
ان وقت فيز 1 ۾ 80 هزار ٻوٽا لڳايا ويا هئا ۽ اڄ فيز 2 ۾ 50 هزار ٻوٽا لڳايا ويا آهن، جنهن ۾ پهرين مرحلي ۾ 10 هزار ٻوٽا پوکيا ويندا جڏهن ته ٻئي ۽ ٽئين مرحلي ۾ 10 هزار ۽ 30 هزار ٻوٽا پوکيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار ٻوٽا پوکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي ضلعي ڏکڻ جي صدر خليل هوت،
بلاول هائوس ميڊيا جو جنيد، چيئرمين لياري ٽائون ناصر ڪريم، سينيئر ورڪر شڪيل ۽ يوسي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ ساڻس گڏ هئا، ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون خاص هدايتون آهن ته وڌيڪ اربن فاريسٽ قائم ڪيا وڃن
ته جيئن وڌيڪ سرسبز ٿي سگهن ۽ سنڌ کي سرسبز بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي مشن سنڌ گرين تي عمل ڪري سگهجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ سان گڏ هو چاهين ٿا. سمارٽ سٽي به آڻڻ چاهين ٿا، سيف سٽي ۾ دير ضرور ٿي آهي پر جلد مڪمل ڪيو ويندو پنج سئو ڪيمرا اڳلي هفتي لڳايا ويندا
جُون 27, 2023