سانگھڙ ۾ ڦٽي جي قيمت ۾ ھٿرادو گھٽتائي قبول ناھي : علي اڪبر جوڻيجو
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) سانگھڙ ضلعي ۾ ڦٽي جي ريٽ ۾ ھٿرادو گھٽتائي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي ڪارخاني وارن سان پيڍي وارا ۽ وڏا زميندار مليل آھن ننڍن آبادگارن ۽ ھارين کي نقصان ڏئي پنهنجا بڀ ڀريا پيا وڃن اسان آبادگارن سان هر وقت هراحتجاج ۾ گڏ آهيون
انساني حقوق اڳواڻ علي اڪبر جوڻيجو هن وقت ڪپھ جي عالمي مارڪيٽ ۾ هلندڙ اگھ موجب ڦٽي جو ريٽ گهٽ ۾ گهٽ10000 ڏھ ھزار روپيا في مڻ جي حساب سان ھلڻ گهرجي ليڪن افسوس جو ڪارخاني وارا ۽ پيڍين وارا غريب آبادگارن ۽ هارين کي 7000 روپيا في مڻ جي حصاب سان ريٽ ڏئي 3000 روپيا في مڻ تي ڪرپشن ڪن پيا جڏھن ته اسان جي ذريعن موجب وڏن زميندارن کي مڪمل اگھ 10000 روپيا في مڻ مڻ ادا ڪيو وڃي ٿو جنهن ڪري اهي خاموش آھن
ذريعا اهو به ٻڌائين پيا ته انهيء قسم جي ڪرپشن ۾ ضلعي جا ڪامورا وڏا زميندار ۽ چونڊيل نمائندا به ڪارخاني وارن ۽ پيڍين وارن سان ڀاڱي ڀائيوار آهن اهڙن خيالن جو اظھار انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن جي صوبائي اطلاعات سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو چوٽياريون پريس ڪلب جي صحافين سان ملاقات دوران چيو جوڻيجو هائوس چوٽياريون تي ٿيل ملاقات دوران هن وڌيڪ چيو ته اسان جي انساني حقن جي تنظيم هن قسم جي ھٿرادو مقرر ڪيل اگھن جي مذمت ڪري ٿي
ڪارخاني مالڪن پيڊي مالڪن ۽ وڏن زميندارن جي ھڪ ھٽي قائم آهي جيڪي من ماني ڪري هٿرادو اگھ مقرر ڪري ننڍن آبادگارن ۽ ھارين کي نقصان پھچائي رھيا آهن هن وڌيڪ چيو ته ڊي سي سانگھڙ اي سي سانگھڙ ۽ ٻين آفيسرن کي گهرجي ته ڪارخانن ۽ پيڍين جو وزٽ ڪن ۽ اکين سان مشاهدو ڪن ته آبادگارن ۽ ھارين سان هو ڪيئن ظلم ڪري رھيا آهن
ڊي اي پي ڀاڻ يوريا ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا اگھ گھٽ ڪرڻ لا تيار ناھن ان کان علاوه نقلي ٻج ڀاڻ ۽ دوائون ڏئي پھريان به نقصان ڏنو اٿن وري ھارين آبادگارن کي ٻنهي ھٿن سان ڦري رھيا آهن اسان سيٺن جي من ماني نامنظور ڪندي آبادگارن ۽ ھارين سان انصاف ڪرڻ جي گهر ڪريون ٿا کين عالمي منڊي ۾ ڪپھ جي هلندڙ اگھ مطابق ڦٽيء جو اگھ ڏنو وڃي
اسان جي تنظيم انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن چتاء ٿي ڏئي ته ڦٽي جا اگھ گھٽ ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو ٻي صورت ۾ اسان سانگھڙ ضلعي جي آبادگارن ۽ ھارين سان گڏجي ڪارخانن ۽ پيڍين جي اڳيان توڙي ضلعي جي مختلف پريس ڪلبن جي اڳيان احتجاج شروع ڪنداسين.
جُون 27, 2023