دادو: پيغام پاڪستان  جي عنوان هيٺ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي  ڪڍي وئي

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) پيغام پاڪستان  جي عنوان هيٺ پاڪ فوج جي حمايت ۾ پاڪستان زنده باد بيسڪ آرگنائيزيشن پاران ريلي ايس ايس پي چونڪ کان دادو پريس ڪلب تائين  ڪڍي وئي، جنھن جي اڳواڻي پاڪستان زندہ آباد بيسڪ آرگنائيزيشن جي مرڪزي ترجمان بشير آڪاش پنھور ۽ دادو ضلعي جي قائم مقام چيئرمين نديم علي ملاح ڪئي،

ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪ آرمي دنيا جي بھادر فوج آهي ۽ پاڪ فوج  اسان ۽ ملڪ جو قيمتي اثاثو آهي . ھنن چيو ته اسان جون دليون پاڪ فوج سان گڏ ڌڙڪنديون آھن . ھنن چيو ته اسان ھر ڏکئي وقت ۾ پاڪ فوج سان گڏ آھيون، پاڪ فوج جون ملڪ لاءِ ڏنلن قربانين کي ھميشہ ياد رکيو ويندو،

جُون 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو