بيروزگاري: پاڪستان دنيا جي ملڪن ۾ ڪهڙي نمبر آهي؟

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ساڍا 6 سيڪڙو بيروزگاري جي شرح سان دنيا ۾ 24هين نمبر تي اچي ويو.

ورلڊ آف اسٽيٽسٽڪس بيروزگاري جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪيا آهن، جنهن موجب پاڪستان 6.5 سيڪڙو بيروزگاري سان سڄي دنيا ۾ 24هين نمبر تي اچي ويو آهي.

انگن اکرن موجب نائجيريا بيروزگاري ۾ سڀني کان اڳتي نڪري ويو، اتي بيروزگاري جي شرح 33.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

ان فهرست ۾ ڏکڻ آفريقا 32.9 سيڪڙو شرح سان ٻئي، جڏهن ته بوسنيا ۽ هرزيگوينا 29.28 سيڪڙو شرح سان ٽئين نمبر تي آهي.

انگن اکرن موجب عراق ۾ 15.55 ۽ افغانستان ۾ 13.3 سيڪڙو ماڻهو بيروزگار آهن، برطانيا ۾ اها شرح 3.8 سيڪڙو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۾ 3.7 سيڪڙو ماڻهو ملازمت جي ڳولا ۾ آهن.

ان کانسواءِ چين ۽ ڪينيڊا ۾ بيروزگاري جي شرح 5.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، بنگلاديش ۾ اها شرح 4.7 سيڪڙو آهي ۽ ان جو 34هون نمبر آهي، جڏهن ته قطر ۾ سڀ کان گهٽ 0.1 سيڪڙو بيروزگاري جي شرح آهي.

جُون 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو