سکر : انجمن ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻي ٿي گذري
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) انجمن ترقي پسند مصنفين سکر جي پندره وار دستوري گڏجاڻي ڪامريڊ ضياءُ ڀٽيءَ جي صدارت ھيٺ ٿي گذري. گڏجاڻيءَ ۾ نياز ڀُٽي غزل، سردار پيرزادي بيت ۽ ڊاڪٽر خادم منگيءَ علي بابا جي ڪھاڻين جي ڪتاب جنم ڀومي شمشان ڀوميءَ تي ڪيل تبصرو تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏھن تھ مبين انصاري، رضوان اڄڻ ۽ ڊاڪٽر بدر اڄڻ تنقيد ۾ حصو ورتو.
آخر ۾ 2 ٺھراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا. 1: سنڌ جي سامونڊي بندرگاھن جو ڀاڙي تي ڏيڻ، گروي رکڻ يا وڪرو ڪرڻ ڪنھن بھ قيمت تي قبول نھ ڪيو ويندو. 2:سنڌو درياءَ جو پاڻي چوري ڪري ھٿرادو سوڪھڙي ۽ ڏڪر واري صورتحال پيدا ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گهر ڪئي وئي تھ درياءَ جي پاڻيءَ کي پڇڙيءَ تائين پھچائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي .
جُون 26, 2023