ڪراچي: مڪاني چونڊون ۾ پ پ جي ڪاميابي تي سهراب ڳوٺ ۾ جشن
ڪراچي (رپورٽ: ثناءُاللہ هڪڙو) پاڪستان پيپلزپارٽي سهراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين لالا رحيم پاران پاڪستان پيپلزپارٽي ڪي ايم سي ڪراچي ۽ سهراب ڳوٺ ٽائون ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي خوشي ۾ جشن فتح پروگرام ملهايو ويو،
ان موقعي تي سنڌ ڄائي عظيم پيءُ جي عظيم نياڻي ايشيا جي بهادر ليڊر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، جشن فتح پروگرام ۾ مهمان خاص صوبي سنڌ جنرل سيڪريٽري ۽ سينٽر وقار مهدي، چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوڊينيٽر مير سهراب خان مري،
ڪراچي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد، ڪنوينر ضلعي اوڀر آصف خان، رياض بلوچ، ممبر آرگنائزیشن ڪميٽي ضلعي اوڀر پي ايس 126 جنرل سيڪريٽري سرور خان غازي، پي ايس 126 صدر الياس گبول، صفوران ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي، چنيسر ٽائون چيئرمين بادشاهه دين محسود،چيئرمين فرحان خان غني،
سهراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين لالا رحيم، وائس چیئرمین مير عمران بروهي، منگهوپير ٽائون چيئرمين حاجي نواز بروهي، يوسي 7 چيئرمين چوڌري فاروق زمان ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي يوسي چيئرمينن،
ڪائونسلن ۽ خاص نشستون تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي جيالن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي پروگرام کي ڪامياب بڻايو، پروگرام جي شروعات قرآن شريف جي تلاوت سان ڪئي وئي ان کانپوءِ معزز شخصيتن خطاب ڪندي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو
جُون 26, 2023