ٺٽو: بدامني ۾ اضافو، ھٿياربندن ھٿان  ھڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي

Spread the love

ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي)  2 راتيون اڳ ٽن نامعلوم ھٿياربند ڦورن ھٿان ور شھر جي ڳوٺ صحبت خان خشڪ جي رھواسي پورھيت گل حسن ملاح جي گھر ۾ گھڙي سڌيون گوليون ھلائي محمد موسي ولد حسين ملاح کي موقعي تي قتل ڪرڻ سميت 3 ڄڻن گل حسن ملاح ۽ سندس ٻن پٽن نظير ملاح ۽ شبير ملاح کي گوليون ھڻي

 سخت زخمي ڪندڙ 3 نامعلوم ھٿياربند ڦورو جوابدارن خلاف ميرپور ساڪرو ٿاڻي تي فريادي گل حسن ولد الھڏنو ملاح جي فرياد تي گناھ نمبر 97/2023 قلم 302،459،460،324،34 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي،

جنھن بعد ميرپور ساڪرو پوليس تحرڪ وٺندي ڪيترن ئي شڪي ڏوھارين کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو اھي، پر اڃان پوليس حقيقي ڏوھارين کي گرفتار ڪري ناھي سگھي، جن جي گرفتارين لاء پوليس پاران ڇاپن جو سلسلو تيزي سان جاري آھي،

 ياد رھي تہ 2 راتيون اڳ ور شھر جي ڳوٺ صحبت خان خشڪ ۾ ٿيل دل ڏکوئيندڙ واقعي بعد ملاح برادري سميت آسپاس جي رھواسين پاران وڌندڙ ڏوھي وارداتن توڙي ور شھر واقعي ۾ ملوث ملاح برادري جي ڏوھي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ لاء ڪيل احتجاج جو ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو بروقت نوٽيس وٺندي 48 ڪلاڪن اندر سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي مھلت گھري ورتي ھئي، جيڪو وقت آھستي، آھستي گذرندو پيو وڃي،

جنھن ڪري حقيقي جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ ڪري مقتول توڙي زخمي ملاح برادري جي ماڻھن ۾ ڪاوڙ جي لھر ڊوڙندي پئي وڃي، جن ايس ايس پي ٺٽو کي ياد دھاني ڪرائيندي چيو آھي تہ سندس ورتل 48 ڪلاڪن جي مھلت وارو وقت تيزي سان گذرندو پيو وڃي،

ان ڪري فورن حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتول جي وارثن توڙي زخمين سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڏنل مھلت وارو وقت گذرڻ بعد سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو پاران ڏنل احتجاج

 جي سڏ تي ور شھر سميت پوري ضلعي ۾ سخت احتجاجن جو سلسلو جاري ڪيو ويندو، جيڪو سمورن حقيقي جوابدار جي گرفتاري تائين جاري رھندو. ٻئي طرف وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي سيد امتياز شاھ شيرازي، سيد تنوير حيدر شاھ شيرازي ۽ ٻين ور شھر مقتول موسي ملاح جي تڏي تي پھڇي مقتول محمد موسي ملاح جي وارثن سان تعزيت ڪري

 ڏک ونڊيندي سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ اسان ملاح برادري سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ گڏ اھيون قاتل جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائي، مقتول جي خون سان انصاف ڪرائي سک جو ساھ پٽينداسين. ھن مقتول جي وارثن کي ھرممڪن مدد جي پڻ خاطري ڪرائي، جڏھن تہ تعزيتن جو سلسلو پڻ جاري اھي.

جُون 26, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو