ميرپورماٿيلو: گلبھار ٿاڻي جي حد مان  مبينا اغوا ٿيل عورت بازياب

Spread the love

گهوٽڪي (رپورٽ:  محمد امین سومرو ) ميرپورماٿيلو 20 ڏينھن اڳ ڪراچي جي گلبھار ٿاڻي جي حد جي گولي مار واري علائقي مان  مبينا اغوا ٿيل شادي شدہ عورت گلشن بيبي کي ميرپورماٿيلو پوليس بازياب ڪرائي ورتو،

 جوابدار سليمان لاشاري گرفتار، بازياب ٿيل عورت ڪراچي پوليس حوالي، جوابدار سليمان لاشاري عورت کي ورغلائي زنا جي ارادي سان کڻي آيو جنھن کي گرفتار ڪري عورت کي بازياب ڪرايو ويو آھي، پوليس، جوابدار سليمان لاشاري بليڪ ميل ڪري ڪراچي کان اغوا ڪري هتي کڻي آيو ھو،

مسمات گلشن بيبي تفصيل موجب 20 ڏينھن اڳ ڪراچي جي گلبھار ٿاڻي جي حد جي گولي مار واري علائقي مان  مبينا اغوا ٿيل شادي شدہ عورت گلشن بيبي کي ميرپورماٿيلو پوليس بازياب ڪرائي ورتو،

 ميرپورماٿيلو پوليس جوابدار سليمان لاشاري کي گرفتار ڪري عورت کي بازياب ڪرائي ڪراچي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي،

 ان حوالي سان ميرپور ماٿيلو پوليس ٻڌايو ته جوابدار سليمان لاشاري عورت کي ورغلائي زنا جي ارادي سان کڻي آيو جنھن کي گرفتار ڪري عورت کي بازياب ڪرايو ويو آھي،

هوڏانهن بازياب ٿيل عورت  مسمات گلشن بيبي ٻڌايو ته جوابدار سليمان لاشاري بليڪ ميل ڪري مجبور ڪري ڪراچي کان اغوا ڪري کڻي آيو ھو، ميرپور ماٿيلو پوليس کين بازياب ڪرايو آهي.

جُون 26, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو