ميئر لاڙڪاڻو ڳڙهي خدابخش ۾ مزارن تي حاضري ڀري
لاڙڪاڻو(بيوروچيف: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻو پاڪستان پيپلز پارٽي جي حيدرآباد ۾ چونڊيل ميئر ڪاشف شورو چونڊيل نمائندن سان گڏجي وڏي قافلي جي صورت ۾ حيدرآباد کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ويا.
ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچڻ تي مٿن گلن جي ورکا ڪري اجرڪ اوڍائي سندن شاندار استقبال ڪيو. ميئر حدرآباد چونڊيل چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏجي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو،
شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪري شهيد قائدين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
حاضري ڀرڻ وقت موجود ڪارڪنن جذباتي انداز ۾ زندهه هي بيبي زندهه هي، بلاول جي شڪل ۾ زندهه هي، آصفه جي شڪل ۾ زندهه آهي
جا زوردار نعرا هنيا. مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو چيو ته مان پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد جي ڪامياب اميدوارن سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو شهيدن جي سرزمين تي پهچي کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ پهتو آهيان.
سنڌ جي عوام شهيد ڀٽو جي هن ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن ۽ قربانين جي ڪري پ پ جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي سڄي سنڌ ۾ ڪامياب ڪيو آهي. پ پ جي منشور تحت عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.
اسان حيدرآباد جي عوام جا نهايت شڪرگذار آهيون جن اسان کي چونڊي خدمت جو موقعو فراهم ڪيو آهي. اسان بنا ڪنهن فرق جي حيدرآباد جي عوام جي خدمت ڪنداسين.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان حيدرآباد جي عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون منظور ڪيون آهن،
پاڻي، سيوريج، تفريح لاءِ پارڪ، روڊ رستن سميت صحت جون سهولتون بهتر کان بهتر مهيا ڪري ڏينداسين. حيدرآباد ۾ جيڪا پاڻي جي کوٽ ٿيندي آهي اها کوٽ به ختم ڪنداسين. حيدرآباد سميت پوري ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن خلاف وفاقي حڪومت جي حڪمن مطابق قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي
۽ انهن کي پڪڙي پنهنجي ملڪ روانو ڪيو ويندو. ان موقعي تي عبدالستار سومرو، فياض علي شاهه، بلاول مصطفيٰ، عبدالغفور، عبدالستار، منٺار جتوئي، عبدالله مگسي ملڪ عثمان، عمير چانڊيو، آفتاب خانزادہ سميت پارٽي جا ورڪ ۽ عهديدار ساڻس گڏ هئا.
جُون 26, 2023