ملير: پير سرهندي ڳوٺ ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز، ڳوٺاڻن پاران احتجاج
ملير (رپورٽ: قادر درس ) ملير جي قديمي سنڌي وسندي پير سرهندي ڳوٺ 30 سالن کان ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز، ٿيل ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار،ڳوٺاڻن جو ترقياتي ڪمن ۾ گهوٻين ۽ نظر انداز ڪرڻ خلاف پير سرهندي ڳوٺ کان ميمڻ ڳوٺ تائين احتجاجي ريلي،
عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان ڌرڻو ،ڪرپشن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا ،پيپلزپارٽي جا ووٽر آهيون پر افسوس 30 سالن کان نظر انداز ڪري ڳوٺاڻن سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ڪنهن جا مخالف نه آهيون پرپنهنجن حقن لاءِ جدوجهد جي آخري حد تائين وينداسين
نويد جوکيو منير جوکيو ۽ ٻين جون صحافين سان ڳالهايون تفصيل موجب ملير جي قديم سنڌي وسندي پير سرهندي ڳوٺ کي گذريل 30 سالن کان ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪرڻ جديد دور ۾ بنيادي سهولتون فراهم نه ڪرڻ توڙي ڪيل ترقياتي ڪمن ۾گهوٻيون هڻڻ خلاف وڏي تعداد ۾ پير سرهندي ڳوٺ جا رهواسي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
سماجي اڳواڻ نويد جوکيو منير احمد جوکيو نذير احمد جوکيو آصف جوکيو عارف جوکيو خليل احمد جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پير سرهندي ڳوٺ کان ميمڻ ڳوٺ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي مظاهرين سخت نعري بازي ڪئي
احتجاجي ريلي ۾ شريڪ ماڻهو عوامي پريس ڪلب ملير پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا احتجاج ڪندڙن جي هٿن بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو پير سرهندي ڳوٺ ۾ ڪرپشن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ سماجي اڳواڻن نويد احمد جوکيو ،،،،،،،،
عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي شهر جو حصو هجڻ باوجود بنيادي ضرورتون پاڻي سيوريج صفائي جي نظام کان محروم آهيون اسان پير سرهندي ڳوٺ جا رهواسي سياسي طور پيپلزپارٽي جا پيڙائتا ووٽر آهيون پر افسوس ته اسان جي ڳوٺ کي ترقياتي ڪمن ۾گذريل 30 سالن کان نظر انداز ڪري ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي
هنن چيو ته ڳوٺ ۾ 36 هزار انچ سيوريج لائين ٽينڊر ٿيو آهي پر ڪم 6 هزار فٽ ڪيو ويو آهي جيڪو پڻ غير معياري ۽ ناڪاره آهي جڏهن ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان 22 هزار فٽ بلاڪ لڳائڻا هئا جيڪي پڻ 15 سو فٽ لڳايا ويا آهن
ان سلسلي ۾ اسان چونڊيل نمائدن ۽ اختيارين کان ٽينڊرن جا تفصيل گهرون ٿا ته اسان کي تڙيو ۽ ڌمڪايو وڃي ٿو جيڪا سراسر ناانصافي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي هنن چيو ته اهڙي عمل سان ڳوٺ جي رهواسين خاص طور نوجوانن ۾ سخت ڪاوڙ احتجاج جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي هنن الزام هڻندي چيو ته 2018 جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي اميدوار لکت ۾ ڪيل مهاهدن تي عمل نه ڪيو آهي
صرف پنهنجا نواز پاليسي اختيار ڪندي اسان جي ڳوٺ کي ترقياتي ڪمن توڙي نوجوانن کي نوڪرين ۾ نظر ڪيو آهي هنن سنڌ حڪومت ،ڊپٽي ڪمشنر ملير ،مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن ،قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته پير سرهندي ڳوٺ کي نظر اانداز ڪري ديوار سان نه لڳايو وڃي
۽ روڪيل ڪم ٽينڊرن موجب مڪمل ۽ معياري ڪيا وڃن هنن چتاءُ ڏنو ته اسان ڪنهن جا به مخالف نه آهيون پر پنهنجن بنيادي حقن لاءِ جدوجهد جي آخري حد تائين وينداسين مسئلا حل نه ڪيا ويا ايندڙ اليڪشن جي بائيڪاٽ سميت سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي .
جُون 26, 2023