مردان ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب هڪ ئي ڏينهن 18 ڄڻا فوت

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه صوبي جي شهر مردان ۾ 24 جون تي هيٽ اسٽروڪ سبب 18 فوتگيون رپورٽ ٿيون.

مردان ميڊيڪل ڪامپليڪس اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طارق محمود نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مردان ۾ 24 جون تي هيٽ اسٽروڪ سان 18 فوتگيون ٿيون، فوتگين جي عمر 50 سالن کان وڌيڪ آهي.

هن ٻڌايو ته هيٽ اسٽروڪ سان متاثر مريضن لاءِ خاص وارڊ قائم ڪيو ويو آهي.

جُون 26, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو