سکر ۾ مبينا پوليس مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار
سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ )سائيٽ ٿاڻي جي پوليس جو ڏوھارين سان مبينا مقابلو 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار طبي امداد لاءِ سول اسپتال داخل پوليس جي پريس ترجمان موجب گزريل رات گشت دوران آرائين ڦاٽڪ لڳ سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ گشت دوران ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين پوليس کي ڏسندي فائرنگ ڪري ڏني
جوابي فائرنگ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا ساٿي فرار ٿي ويا زخمين جي سنڃاڻپ فياض مھر ۽ عارف مھر طور ٿي آھي جن کي سول اسپتال سکر طبي امداد لاءِ داخل ڪرائي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو فرار ٿي ويل ڏوھارين جي گرفتاري لاء مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيان پئي ويا
جُون 26, 2023