سکر : ھندو واپاري پاران باثر واپارين جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاھرو

Spread the love

روهڙي (رپورٽرعلي خان چنجڻ)سکر واسي راجيش ڪمار پنھنجي ئي بااثر هندو برادري ھندو واپارين جي ناجائزين خلاف روهڙي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاھرو

 تفصيل موجب سکر واسي هندو برادري سان تعلق رکندڙ راجيش ڪمار پنھنجي برادري جي ھندو واپاري عزيز وير ڪمار عرف ويرو مل خلاف احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته اڍائي سال اڳ اسان ٻنهي واٽر ڪورس بلاڪ جي پاٽنر طور ڪاروبار شروع ڪيوسين

 ڪاروبار ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ وير ڪمار منھنجي خلاف مسئلا پيدا ڪري منهنجي پارٽنر شپ ختم ڪئي تنهن تي مون هن کي حساب ۽ ليکو ڪرڻ لاءِ چيو جنهن تي ويرو مل ڊاڪومنٽ ۽ اسٽامپ پيپر گڏ کڻي اچڻ لاءِ چيو مون سڀ ڪجهه کڻي

 هن وٽ پهتس ته رکيل پروگرام تحت پهچڻ شرط هن منھنجي مٿان حملو ڪرائي سڀ ثبوت ۽ ڊاڪومنٽ مونکان کس رائي مونکي ڪڍي ڇڏيو ۽ هن منهنجي گهرواري کي ورغلائي منهنجي ساهرن وٽ ويهاري ڇڏيو

مون اهڙي دانهن سکر جي هندو پنچائت کي ۽ مکين کي به ڏني ليڪن ڪو ازالو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي لھذا مان آء جي سنڌ وزير اعلي سنڌ ڊي آء جي سکر جاويد احمد سونهارو جسڪاڻي ايس ايس پي سکر سنگھار علي ملڪ کي پورزور اپيل ٿو ڪريان

ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر وير ڪمار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت م مان ڊي آء جي آفس سامهون پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيندس جنهن جو ذميدار سکر جا مکي ہندو پنچائت ۽ وير ڪمار عرف ويرو مل هوندا.

جُون 26, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو