سکر: ڊپٽي اٽارني جنرل جي مان ۾ آجياڻي واري تقريب منعقد
روھڙي (رپورٽرعلي خان چنجڻ)تعلقه بار روھڙي طرفان روھڙي پريس ڪلب ۾ نامور قانوندان علي حيدر ادا کي ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل مقرر ٿيڻ تي سندس مان ۾ آجياڻو ڏنو تقريب جا خاص مھمان ھاءِ ڪورٽ بار سکر جو صدر قربان علي ملاڻو ،
ڊسٽرڪٽ بار سکر جو جنرل سيڪريٽري الاھي بخش ميتلو جن ھئا تقريب جا ميزبان تعلقه بار روھڙي جي صدر غلام نبي چڍڙ، نائب صدر محمد عاصم ملڪ، جنرل سيڪريٽري سجاد محمد زنگيجو، جوائنٽ سيڪريٽري جيڪمار، ارشد علي بلوچ، پرويز راجپوت جن ھئا جڏھن ته مکيه مھمان سندر چاچڙ، ذوالفقار ملاڻو،
امام بخش مھر پريم ڪمار، ارشاد لاشاري، ھدايت الله بلوچ ۽ ٻيا ھئا تقريب کي خطاب ڪندي غلام نبي چڍڙ ۽ سجاد محمد زنگيجو جن علي حيدر ادا کي مبارڪباد ڏيندي آيل سڀني مھمانن جو ٿورو مڃيو ھاءِ ڪورٽ بار سکر جي صدر قربان علي ملاڻو چيو ته ملڪ ٺاھڻ ۽ ڏکي وقت ۾ ملڪ کي بچائڻ ۾ وڪيلن جو اھم ڪردار آھي وڌيڪ چيو ته وڪيلن جي مسئلن جي حل لاءِ رات ڏينھن سرگرم آھيون
ڊسٽرڪٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري الاھي بخش ميتلو چيو ته علي حيدر ادا نامور قانوندان سان گڏ سکر بار جو ھيرو آھي
جنھن جون وڪيلن جي ڪاز لاءِ وڏيون قربانيون آھن وفاق پاران علي حيدر ادا کي ڊپٽي اٽارني جنرل مقرر ڪرڻ ٻھترين فيصلو آھي تقريب ۾ آيل معزز مھمانن جي گلن ۽ ثقافتي گيت ڳائي آجيان ڪئي وئي آخر ۾ محفل موسيقي ٿي جنھن ۾ فنڪارن آفتاب شيخ ۽ ٻين گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو
جُون 26, 2023