سيوھڻ : ريلوي اسٽيشن گذريل يارنھن مھينن کان ويران، عوام پريشان

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ جي ريلوي اسٽيشن گذريل يارنھن مھينن کان ويران، سيوھڻ شھر ۾ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مزار تي ايندڙ لکين پانڌيئڙن کان وفاقي حڪومت پاڪستان جي ريلوي کاتي ريل گاڏي جي سفر جي سھولت گذريل يارنھن مھينن کان کسي ڇڏي آھي،

 جڏھن ت سيوھڻ شھر ۾ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مزار تي زيارت لاء ايندڙ لکن جي تعداد ۾ عوام سخت پريشان، ريلوي جي سفري سھولت ن ھئڻ ڪري سيوھڻ جي عوام ۽ قلندر شھباز رحمت الله عليه جي پانڌيئڙن کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن

جڏھن ت ريل گاڏي ۾ سفر ڪرڻ سان عوام جو ڪيترو پيسو بچي ٿو ۽ ريل گاڏي ۾ ڪيتريون ئي بنيادي سھولتون موجود آھن، جڏھن ت اھي سھولتون ڪوچن، بسن، ۽ ڊومن ۽ وينن ۾ ن آھن، ريل گاڏي جو سفر آرامدہ ھوندو ھئو، ڪا خبر ن آھي ت ريلوي کاتي ڪوٽڙي کان سيوھڻ ، دادو، سيتا، لاڙڪاڻہ ۽ روھڙي سيڪشن  تائين.

جُون 26, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو