دادو: ميونسپل چيئرمين پاران شھر کي صاف ڪرڻ لاءِ هدايتون، صفائي مهم شروع
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين پيردانش علي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي دادو شهر اندر صفائي سٿرائي شھر کي مڪمل صاف ڪرڻ جي لاءِ سخت هدايتون ميونسپل ڪاميٽي جي عملي جون. ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن،
صفائي عملي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو،چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي پيردانش علي جي هدايتن تي “عيد صفائي مهم” جو آغاز شروع ڪيو ويو آهي،
دادو سٽي جي مختلف وارڊن ۾ نالين، گٽرن، روڊ، رستن، گهٽين جي صفائي زور ۽ شور سان جاري آهي
ان سان گڏ نجم ڪالوني وارڊ نمبر 14 ڪائونسلر رفيق احمد ميراڻي جي وارڊ ۾ ميونسپل عملي سان گڏ پير جي ٽيم نگراني ڪندي انشاالله پوري وارڊ ۾ صفائي بهترين ٿيندي تمام جلد شھر ۾ صفائي جا انتظام بهتر ٿيندا شهرين ۾ سرهائي سندس ڪم جي واکاڻ هلندڙ آهي.
جُون 26, 2023