خيرپور ناٿن شاهه: عطر چانڊيو واسين پاران بااثر قبضا مافيا خلاف احتجاج

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) خيرپور ناٿن شاهه ماڏو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عطر چانڊيو جي رھواسين بااثر قبضه خورن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالله چانڊيو، محرم چانڊيو،

 منير چانڊيو چيو ته اسان مڇي جو ٺيڪو سردار وريل چانڊيو کي ڏنو جنھن تان يوسي ڇوڙ قمبر جي چيئرمين وڏيرو فرمان چانڊيو،نادر چانڊيو، عباس چانڊيو ڏمرجي پيا، ماڏو جي ديھ ٻوري ون ۾ 44 ايڪڙ زرعي زمين جنهن ۾ وڏيرو فرمان چانڊيو ۽ عبدالله چانڊيو جي شراڪتي گڏيل زمين هئي تي ھٿيارن جي زور تي   قبضو ڪري زمين تي بيٺل فصل به زبردستي کڻي ويا آھن

 ۽ اسان جي ٻئين زمينن ميھڙ جي ديھ ناٿ ۾ 30 ايڪڙ ديھ چارو ۾ 60 ايڪڙ زمين ۽ ڳوٺ ماڏو جي اباڻي گهرن تي قبضو ڪري اسان کي بيدخل ڪري ڇڏيو آهي، اسان به پيپلزپارٽي جا ووٽر آھيون، اسان سان وڏيرا ظلم ڪري رهيا آهن،

 سردارخان چانڊيو ۽ ٻين نيڪ مردن جي فيصلن تي به نه ٿا اچن،الٽو با اثر قبضي خور وقت جي فرعون وڏيرن اسان کي مارڪٽ ڪري گھرن تي فائرنگ ڪري اسان مٿان ماڏو ٿاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن،

 اسان وٽ زمينن جو رڪارڊ موجود آھي ھنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد،ايس ايس پي دادو ۽ بورڊ آف روينيو کاتي جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي زرعي زمينن،

 گھرن ۽ اسان جي مٿان حملا ڪندڙ وقت جي فرعون وڏيرن کي گرفتار ڪري اسان غريبن کي تحفظ فراھم ڪري اسان کي پنھنجو جائز حق ڏياري انصاف ڪيو وڃي، اسان کي ڪجھ به ٿيو ته ذميوار ڄاڻايل مخالف هوندا،

جُون 26, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو