ڪهڙن ماڻهن کي ٽي پگهارون ملنديون، اسحاق ڊار ٻڌائي ڇڏيو
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ اجلاس دوران ڊگهي ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کي ٽي پگهارون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، بجيٽ دوران ڊگهي ڊيوٽي ڏيندڙ ملازمن کي ٽي پگهارون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پگهارون ايسوسي ايٽڊ پريس آف پاڪستان ( اي پي پي ) پاڪستان ٽيلي ويزن ( پي ٽي وي ) پوليس، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ( سي ڊي اي ) جي ملازمن کي ڏنيون وينديون.
