ڪراچي: ايوب ڳوٺ مان پوليس اهلڪار جو پٽ گم، والدين پريشان
ڪراچي (رپورٽ :ثناءُ اللہ هڪڙو) ڪراچي جي علائقي ايوب ڳوٺ راڄپر محلي مان ست ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل بغدادي ٿاڻي جي پوليس اهلڪارمحمد اشرف سومرو جي 15 ورهين جي پٽ جو پتو نه پئجي
سگهيو نينگر جي والد محمد اشرف سومرو فيض محمد عنايت علي سومرو آصف علي انور سومرو سان گڏجي ايسٽ نيشنل پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته سندس پٽ مشرف سومرو ايوب ڳوٺ ۾ گهران سبزي جو سودو وٺڻ لاءِ ويو جتان هو گم ٿي ويو آهي
هن چيو ته هو روزانو گهر لاءِ سامان آڻيندو هو ان ڏهاڙي به سامان لاءِ ويو ته پراسرار نموني گم ٿي ويو واقعي جي سھراب ڳوٺ ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي ڇڏي آهي
منهنجي ڪنهن سان به ڪا ذاتي دشمني ناهي اعلي اختيارين کي گذارش آهي ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪن مان هر جڳهه تي ويو آهيان پر ڪٿي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو سندس امڙ بي حال ٿي وئي آهي.
جُون 25, 2023