ڏوڪري:  نادرا سينٽر جي منتقلي خلاف علامتي بک هڙتال

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ نادرا سينٽر ڏوڪري جي شفٽنگ خلاف جسقم ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن طرفان نادرا آفيس شفٽ ٿيڻ خلاف ٽائون هال آڏو علامتي بک هڙتال جاري.

 ان موقعي تي رڪ سنڌي، سمير ڀنڊ، امتياز ميراڻي ۽ ٻين چيو ته نادرا آفيس ڏوڪري شهر کان ٻاھر چنا پل تي منتقل ڪرڻ ڏوڪري واسين سان سراسر ناانصافي آهي

 ڇو ته چناپل شهر کان ٽي ڪلو ميٽر پري آهي، جتي ڪا به سهولت نه آهي. جنهن ڪري پيرسن عورتن سميت عام ماڻهن کي سخت ڏکيايون پيش اينديون،

ھنن مطالبو  وفاقي گهرو وزير، وفاقي گهرو سيڪريٽري، چيئرمين نادرا سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته نادرا ڏوڪري سينٽر کي ٽائون کان منتقل نہ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

جُون 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو