ٽنڊوڄام:  سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Spread the love

ٽنڊوڄام( رپورٽ: واجد علي چانڊيو) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ملازم تنظيم پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب ٽنڊوڄام  اڳيان احتجاجي مظاھرو ،  خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ملازم تنظيم جي اڳواڻن مطالبن مڃتاء لاء پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو

 اڳواڻن  ملازم تنظيم جي صدر خاور علي ميمڻ ، جنرل سيڪريٽري آصف ابڙو ،سربرست اعلاع سائين فضل شاھ، عبدالحئي ڀٽو ۽ شير ڄامڙو ، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر عيد گريشيا ڦل بيسڪ پي ، فوتي ڪوٽا جا سمورا آرڊر ، خيرپور ڪاليج جي ملازمن جا پروموشن ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو

 پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته  اسان جا مطالبه اڃا تائين قبول نه ڪيا ويا آھن ، جنهن جي ڪري اسان مجبور ٿي احتجاج جو گس ورتو آهي.

اسان وي سي صاحب کي گذارش ٿا ڪريون تہ عيد مٿان چڙھي آئي آهي ، غريب مسڪين ملازمن جا مطالبه ھنگامي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ،

  زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ان جي لاڳاپيل ڪاليجن جي پورھيتن جا مسئلا بہ جلد حل ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ جي يونيورسٽين تائين وڌايو ويندو .

جُون 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو