وڳڻ : سجاڳ نوجوان اتحاد سنڌ جي سالياني چونڊ ٿي گذري

Spread the love

وڳڻ (رپورٽر) وڳڻ  ۾ سماجي تنظيم سجاڳ نوجوان اتحاد سنڌ جي سالانا اليڪشن ٿي گذري پروگرام جي شروعات تلاوت پاڪ سان ڪئي وئي

 سجاڳ نوجوان اتحاد سنڌ جي سرپرست اعليٰ ڪامريڊ غلام حسين مغيري ، صدر گلاب وڳڻ ، سئنير نائب صدر فدا حسين مغيري ، نائب صدر يونيس وڳڻ ، جنرل سيڪريٽري فقير ضمير حسين مغيري ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سليم سومرو ، فنانس سيڪريٽري لاء مختيار علي وڳڻ کي پڻ اڪثريت راء سان چونڊيو ويو

 جڏھن تہ ميمبرن ۾ غلام عباس مغيري ، بدر الدين پنهور ، عاجز چانڊيو، مکڻ اوڏ  چونڊجي ويا انه موقعي تہ پروگرام ۾ خطاب ڪندي سجاڳ نوجوان اتحاد سنڌ جي سرپرست اعليٰ ڪامريڊ غلام حسين مغيري چيو تہ اسان پنهنجي هن تنظيم جو بنياد 2014 ۾ رکيو ۽ گذريل 9 سالن کان وٺي اسان پنهنجي علائقي جي بنيادي مئسلن جي لاء جاکوڙ ڪري رهيا آھيون

 اسان سڀ کان وڌيڪ صحت ۽ تعليم جي لاء جاکوڙ ڪئي ۽ انهن ۾ ڪميابي حاصل ٿي ۽ پنهنجي علائقي جا مئسلا حل ڪرايا آھن ۽ هاڻي نئي باڊي چونڊجي آھي جنهن ۾ ڪافي نوجوان دوست به شامل ٿيا آھن آميد آھي

 تہ سڀ دوست پنهنجي عھدن جي بنيادي تہ سرگرميون جاري رکندا عوام جي خدمت تہ يقعن رکون ٿا ۽ مظلوم عوام سان هر وقت هر موڙ تہ گڏ ھونداسين چونڊيل نمائندن صرف ووٽ وٺي اقتدار تائين محدود رهيا آھن انهن کي عوام جي اهنجن جو ڪوب احساس ڪونهي

جُون 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو