نااهلي جي سزا پنج سالن تائين ڪرڻ وارو بل منظور، نواز ۽ ترين لاءِ چونڊ وڙهڻ جا دڳ کُلي ويا
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ نااهلي جي وڌ کان وڌ سزا پنج سال ڪرڻ وارو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.
بل جي منظوري سان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين جي اليڪشن وڙهڻ لاءِ رستو کُلي ويو آهي.
قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ نااهلي جي وڌ کان وڌ سزا پنج سال ڪرڻ جو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، بل ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آهي، ترميم جي منظوري بعد هاڻي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي جي سزا 5 سال هوندي
انکانسواءِ قومي اسيمبلي چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جو بل پڻ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.
