فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل وارو ڪيس، فروغ نسيم وزيراعظم جو وڪيل مقرر
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي قانون واري وزير بيئرسٽر فروغ نسيم کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
سُپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ذريعي عام شهرين جي ٽرائلز جو ڪيس سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سُپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس ذريعي عام شهرين جي ٽرائلز جي ڪيس ۾ بيئرسٽر فروغ نسيم کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪري ڇڏيو آهي، فروغ نسيم وزيراعظم طرفان سُپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو.
