سکر : اينٽي ڪرپشن ٽيم جو تعليم کاتي جي آفيس ۾ ڇاپو، ڪلارڪ گرفتار
سکر (رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر جي اينٽي ڪرپشن ٽيم سرڪل آفيسر سکر منور حسين ناءچ اي ايس آء خورشيد احمد ميمڻ ۽ عبدالڪريم جي اڳواڻي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪراچي ۾ ڇاپا هڻي
تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين واري ڪيس ۾ نامزد جعلي آرڊر تي ڊيوٽي ڪندڙ جوابدار عزيراحمد صديقي جونيءر ڪلارڪ کي گرفتار ڪري سکر جي عدالت اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج فاروق احمد عباسي جي عدالت ۾ پيش. جوابدار کي جيل حوالي ڪيو ويو،
جوابدار 2011ع ۾ تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ جو جعلي آرڊر حاصل ڪيو، جوابدار ريجنل ڊائريڪٽر الطاف عباسي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر راڻو ڀٽي سان گڏ ڪراچي جي ڪاليجن ۾ مسلسل ڊيوٽي ڪندو رهيو، ٻڌايو پيو وڃي ته اڳوڻي ريجنل ڊائريڪٽر الطاف عباسي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رانو ڀٽي عزير احمد صديقي کي آرڊر ڏيارو
جنھن ۾ نالو عزير عرف عزيز رڪارڊ ۾ نالو تبديل ڪرايو ڊاريڪٽر ريجنل ڊاريڪٽر ڪاليجز ۽ اسسٽنٽ ڊاريڪٽر راڻو ڀٽي ڪورٽ مان ضمانت تي آزاد آهن. جعلي آرڊر حاصل ڪندڙ گرفتار جوابدار کي اينٽي ڪرپشن عدالت جج فارق احمد عباسي پاران گرفتار ٿيل
جوابدار عزير احمد صديقي کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو جنھن کي اينٽي ڪرپشن پوليس جيل اماڻي ڇڏيو آھي
جُون 25, 2023