سکر : ايس ايڇ او جو موبائيل ڊرائيور تي تشدد، متاثر پريس ڪلب پهچي دانھيو
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايڇ او جو موبائيل ڊرائيور تي تشدد، سپاهي تحفظ لاءِ سکر پريس ڪلب پهچي ويا.
تفصيل موجب سکر پوليس اسٽيشن سي سيڪشن جي حد ۾ ايس ايڇ او صدر دين پاران موبائل ڊرائيور ياسر بٽ تي تشدد ڪيو ويو،
جنهن بعد هو سکر پريس ڪلب پهتو. موبائيل ڊرائيور ياسر بٽ ايس ايڇ او تي الزام هنيو ته کيس تشدد جو نشانو بڻنائڻ بعد گارگند ڏيندي ٿاڻي مان ڪڍيو ويو آھي۔هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي.
ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سيڪشن صدر دين موبائيل ڊرائيور تي تشدد ڪرڻ جي ترديد ڪئي، ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته مون موبائيل ڊرائيور تي ڪو به تشدد ناهي ڪيو، مون تي تشدد جو الزام لڳايو ويو آهي پر اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي.
جُون 25, 2023