سيوھڻ ۾ وپڊا انتظاميا لوڊشيڊنگ وڌائي ڇڏي، شھري پريشان
سيوھڻ شريف (رپورٽ:محمد صفر سيوھاڻي ) سيوھڻ شريف ۾ وپڊا انتظاميه سيوھڻ ھن ڪھر جھڙي گرمي ۾ سيوھڻ شھر ۾ ھڪ کان ٻ ڪلاڪ لوڊشيڊنگ وڌائي ڇڏي سيوھڻ شھر جو عوام سخت پريشان. جڏھن ت ذريعن کان معلوم ٿيو آھي
ت سيوھڻ شھر ۾ وپڊا سيوھڻ جي ڪجھ لائن مينن پرائيويٽ ماڻھون رکي انھن کان ڊائريڪٽ ڪنيڪشن ھڻائڻ جو ڪم ورتو پيو وڃي، جڏھن ت ٽرانسفارمر جو ڪم يا وري تارن وغيره جو ڪم لائن مين کي ڪرڻو آھي،
پر ھتي سيوھڻ ۾ وري ابتو پرائيويٽ رکيل ماڻھون کان ڪم ورتو وڃي ٿو، جڏھن ت انھن پرائيويٽ ماڻھن کي ٽرانسفارمر جي ڪم جي ت ڪاب ڄاڻ ن ھوندي آھي، جڏھن ت سيوھڻ ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن تمام گھڻا وڌي ويا آھن،
جنھن جي ڪري ئي سيوھڻ شھر ۾ لوڊ گھڻو ھئڻ ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ واڌارو ڪيوويو آھي، جڏھن ت سيوھڻ شھر ۾ ھڪ کان ٻ ڪلاڪ وڌيڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي ، سيوھڻ شھر جي عوام حڪومت پاڪستان جي حيسڪو کاتي حيدرآباد جي چيف ۽ ايگزيڪيٽو انجنيئر ڪوٽڙي کان گھر ڪن ٿا
ت خدارا سيوھڻ جي وپڊا انتظاميه سيوھڻ جي لائن مينن پاران ڏنل ھٿ سان ڊائريڪٽ ڪنيڪشن جي جانچ ڪرائي ملوث وپڊا انتظاميه سيوھڻ جي عملدارن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ۽ سيوھڻ شھر مان لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪرايو وڃي، ۽ پرائيويٽ ماڻھن کي ڪڍيو وڃي.
جُون 25, 2023