سانگهڙ : ڊاڪٽر شبير احمد چنا سول سرجن جي چارج

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) سانگهڙ سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر شبير احمد چنا سول سرجن جي چارج سنڀالڻ بعد ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي،

کيس مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري، ڊاڪٽر شبير احمد چينا پنھنجي بيان ۾ چيو ته سول اسپتال سانگھڙ خلاف ڪجھ عناصر پروپيگنڊا ڪري رھيا آھن، ھي اهي ماڻھو آھن جيڪي ڪڏهن به سول اسپتال ۾  علاج لاءِ نه آيا،

هن وقت سول اسپتال ۾ سمورا شعبا فعال آهن ۽ مريضن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن جيڪي سول اسپتال ۾ اچن ٿا، هزارين مريضن جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي،

ھن چيو ته ھاڻ پرائيويٽ اسپتالن ۾ مريضن جو داخله نه ھئڻ برابر آھي جيڪو به فنڊ ملي ٿو اهو سانگهڙ جي غريب مريضن تي خرچ ٿيندو، هن چيو ته سانگھڙ جي نوجوان نسل بزرگ، ميڊيا، سياستدان،

 حڪومتي شخصيتن کي گهرجي ته  پاڻ ۽ پنهنجن دوستن جو سول اسپتال سانگھڙ ۾ علاج ڪرائين، ايمرجنسي سميت سمورا ادارا 24 ڪلاڪ فعال آهن، بھترين ڊاڪٽر ۽ اسٽاف عوام جي ھر ممڪن رھنمائي ڪندا، ان موقعي تي عملي پاران ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي.

جُون 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو