دادو ۾ سول سوسائيٽي اڳواڻن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو جو ڳڀرو نوجوان ڪراچيَ جي لياري واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿيار بندن هٿان بيدردي سان گوليون هڻي
قتل وارو مامرو دادو واسي رياض ملاح جي قتل واقعي خلاف دادو ۾ شهرين ءٍ سول سوسائيٽي جي نمائندن پاران دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي
مقتول جي وارثن واجد ملاح ۽ ٻين شھرين نبيل سولنگي،مزمل لنڊ، واجد پنهور،احسان قمبراڻي ۽ ٻين چيو ته دادو واسي نوجوان رياض ملاح جيڪو پنهنجن ٻچن جي روزي خاطر گذر سفر لاءِ ڪراچي ۾ روزگار ڪندو هيو
جنهن کي 2 ڏينهن اڳ اڻ ڄاتل هٿيار بندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي سنڌي نوجوان جو بيدردي سان قتل تي سيڪيورٽي ادارن سميت حڪومت لاءِ سواليا نشان آهي
پريس ڪانفرنس ڪندي واجد علي ملاح ۽ ٻين شھرين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس سميت وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کان قتل واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪندي وارثن چيو ته بيگناھ قتل ڪيل
اسان جي نوجوان رياض ملاح جي خون سان انصاف ڪيو وڃي،ھنن مطالبو ڪندي وڌيڪ چيو ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ حڪومت نوٽيس وٺي سنڌَ ۾ ملاح برادري جو وڏو ووٽ بينڪ آھي اسان پ پ پ جا ووٽر آھيون،
ان ڪري پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏو وزير سيد مراد علي شاه آء جي سنڌ، سي سي پي او ڪراچي کان پرزور مطالبو ڪيون ٿا ته نوجوان شادي شده ۽ ھڪ نياڻي جي والد رياض ملاح کي سرعام لياري ۾ گولين جو کاڄ بڻايو ويو آھي ٻئي طرف نوجوان جو مڙھ ڪراچي کان دادو آندو ويو
جتي نوجوان جي جنازه نماز پڙھي وئي ۽ تدفين سوين آلين اکين سان دادو ويجھو شھيد مخدوم بلاول جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،تڏو دادو شھر جي دڙو روڊ تي مقتول جي گھر ۾ وڇايو ويو
سڀاڻي (اڄ)مقتول رياض ملاح جو دادو ۾ ٽيجھو ٿيندو ھوڏانھن لياري پوليس نوجوان جي قاتلن کي اڃا تائين گرفتار ڪري نه سگھي آھي جنھن ڪري سڄي سنڌ ۾ ملاح برادري ۾ سوڳ آھي.
جُون 25, 2023