دادو: سنڌي ادبي سنگت شاخ جو اجلاس ٿي گذريو

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جي پندرهن وار گڏجاڻي نامياري اداڪار ۽ سماجي خدمتگار راجا رفيق پهنور جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ رجب آزاد غزل

برج لال بيوس نظم ظفر شينو قومي غزل پرنس ذوالفقار چارڻ اردو غزل پير اياز پير.نظم سڪندر ڪنڀر. چوسٽا اصلاح لاءِ پيش ڪيا ،جن تي راجا رفيق پهنور، شاه محمد لغاري، اڪبر سولنگي، آفتاب لنڊ ۽ ٻين اصلاحي رايا ڏنا.

گڏجاڻي جي آخر ۾ سماجي شخصيت سردار مير منظور پنهور ۽ نامياري شاعر تابش بخاري جي همشيره جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ قل پڙهي بخشش لاءِ دعا گهري وئي. گڏجاڻي ۾ بزرگ ليکڪ شير ڀرڳڙي، اميد سنڌي ۽ احمد خان سهاڳ جي صحتيابي لاءِ خصوصي دعا گهري وئي.

گڏجاڻي ۾ حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ويو ته کاڌي پيتي جي شين کير، چانهن، گيھ،مصالحه ۽ ٻين شين ۾ ملاوٽ ڪندڙن تي قانوني قدم کڻي انساني زندگيون بچايون وڃن.وزير اعلي سنڌ کان اها به گهر ڪئي وئي

 ته عيد جي موقعي تي توڙي عام حالتن تي عوامي ٽرانسپورٽ جي ڪراين کي هٿرادو نموني وڌائيندڙ ٽرانسپورٽرن جون روڊ پرمٽون رد ڪيون وڃن . وفاقي حڪومت کان پڻ لاڙڪاڻو دادو ٽريڪ تي جلد ريل گاڏيون هلائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

جُون 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو