ڪوهلي مدد لاءِ هر وقت حاضر هوندو آهي: احمد شهزاد جو اعتراف

Spread the love

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ پي ايل جي 16 ايڊيشن جي هڪ ميچ دوران لکنئو سپر جائنٽس جي مينٽور گوتم گمڀير ۽ رائل چئلينجر بئنگلور جي بيٽر ويرات ڪوهلي وچ ۾ ٿيل جهيڙي تي پاڪستان ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد ردعمل ڏنو آهي.

هڪ بيان ۾ احمد شهزاد چيو ته ميدان ۾ جهيڙا ٿيندا رهندا آهن پر مئنيجمينٽ جي ميمبر طرفان ميچ پڄاڻي تي تڪرار ۾ شامل ٿيڻ تي حيرت ٿي.

احمد شهزاد چيو ته مون کي لڳو ٿو ته ڪوهلي جون ننڍي عمر ۾ حاصل ڪيو ڪاميابيون گوتم کان برداشت نٿيون ٿين.

هن سوال اٿاريندي چيو ته مداح طور مان ڪرڪيٽ سان تمام گهڻو پيار ڪندو آهيان، ڪوهلي جي ۽ گمڀير جي رڪارڊن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.

جيڪڏهن نوين الحق ڪوهلي بدران سچن ٽنڊولڪر سان بدتميزي ڪئي هجي ها ته ڇا گمڀير اهڙي حرڪت ڪري ها؟ .

احمد شهزاد ڪوهلي سان دوستيءَ بابت اعتراف ڪندي چيو ته کيس ڪرڪيٽ بابت مشوري جي ضرورت پوندي آهي ته ڪوهلي سندس لاءِ سدائين حاضر هوندو آهي.

پاڪستاني اوپنر چيو ته ويجهڙائي وارن سالن ۾ ڪوهلي پاڻ تي وڏو ڪم ڪيو آهي، هو پهريان جذباتي هوندو هو پر هاڻي منجهس نمايان تبديليون آيون آهن، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي.

جُون 24, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو