پاڪستاني مردن ۾ وات جو ڪينسر سڀ کان عام، عورتون ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شڪار
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) تحت نيشنل ڪينسر رجسٽري پهريون ڀيرو ڊيٽا ۽ انگن اکرن تي ٻڌل هڪ گڏيل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب سال 2015 کان 2019 دوران ملڪ ۾ 269707 ڪينسر جي ڪيسن جو جائزو ورتو ويو، انهن ۾ مردن جو انگ 46.7 سيڪڙو ۽ عورتن جو انگ ڪجهه وڌيڪ 53.61 سيڪڙو شمار ڪيو ويو.
پنجاب ۾ ڪينسر جا ڪيس 45.13، سنڌ ۾ 26.83 سيڪڙو، خيبر پختونخواهه ۾ 16.46 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 3.52 سيڪڙو رڪارڊ ٿيا.
مجموعي طور تي ڇاتيءَ جو ڪينسر سڀ کان عام ڏٺو ويو، ان کانپوءِ ترتيب وار وات، وڏي آنڊي، جگر ۽ ڦڦڙن جو ڪينسر عام هو.
مردن ۾ ترتيب وار وات، جگر، وڏي آنڊي، ڦپڙن ۽ پروسٽيٽ جو ڪينسر سڀ کان عام ڏٺو ويو، جڏهن ته عورتن ۾ ڇاٿي، (اووري) بيضي داڻي، وات، بيضي داڻي کان هيٺئين حصي (سروڪس) ۽ وڏي آنڊي جو ڪينسر عام ڏسڻ ۾ آيو.
ٻارن ۾ رت جو ڪينسر ۽ ننڍي عمر وارن ۾ هڏن جو ڪينسر عام ڏٺو ويو.
