لاهور ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي آفيم جي فيڪٽري ٻيهر کولڻ جو فيصلو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) نگران پنجاب حڪومت لاهور ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي آفيم جي فيڪٽري ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن پنجاب لاهور شادمان ۾ موجود ايشيا جي سڀ کان وڏي آفيم جي فيڪٽري کي ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کي 13 سال اڳ بند ڪيو ويو هو.

کاتي موجب فيڪٽري جا انتظامي معاملا ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن وٽ هوندا ۽ ايڪسائيز ٽيڪسيشن جو آفيسر فيڪٽري کي مينيجر طور هلائيندو، فيڪٽري کي هلائڻ لاءِ مختلف صوبن جي اينٽي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايجنسين کان آفيم حاصل ڪيو ويندو ان ڏس ۾ آفيم جي پهرين کيپ 640 ڪلوگرام جلد پهچي ويندي.

کاتي موجب اي ڪيٽيگري جو آفيم دوا ٺاهيندڙ ڪمپنين کي مارڪيٽ ريٽ تي فراهم ڪيو ويندو، بي ڪيٽيگري جو آفيم هاڃيڪار آهي ان کي زيان ڪيو ويندو.

جُون 24, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو