اسحاق ڊار جو رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جي حوالي سان اهم اعلان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پينشن رٽائرڊ ملازم يا ان جي بيواهه کي ڏني ويندي، پينشنر يا شريڪ حيات جي لاڏاڻي کانپوءِ انهن جي ٻارن کي رڳو 10 سال پينشن ملندي.
قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي ٽن ٽن ادارن مان پينشن وٺي رهيا آهن، اهڙا ماڻهو رڳو هڪ اداري مان پينشن وٺي سگهندا.
هن چيو ته پينشن فنڊ تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، پينشن رٽائرڊ ملازم يا ان جي بيواهه کي ڏني ويندي، پينشر يا شريڪ حيات جي لاڏاڻي کانپوءِ ٻارن کي رڳو 10 سال پينشن ملندي.
سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ پينشن بابت سڌارا شروع ڪري رهيا آهيون، هاڻ ه ڪ پينشنر کي 3-3 پينشن نه ملنديون، پينشنر کي رڳو هڪ پينشن ملندي، جيڪا سڀ کان وڌيڪ پينشن هوندي، اها وٺي سگهي ٿو.
