ملڪ ۾ 20 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 34.05 سيڪڙو ٿي وئي ۽ 20 ضروري شين جا اگهه وڌيا آهن.
ڳڻپ کاتي مهانگائي بابت هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.33 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 34.05 سيڪڙو تائين پهچي وئي اهي.
ڳڻپ کاتي جي انگن اکرن موجب هڪ هفتي دوران 20 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته 12 شين جا اگهه گهٽيا ۽ 19 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.
