ملير: لاڙڪاڻي مان گم ٿيل واپاري جي بازيابي لاءِ گھگھر ۾ احتجاجي مظاهرو

Spread the love

مليرڪراچي   (ڪرائيم رپورٽ:  نادر وسير ) لاڙڪاڻي ضلعي جي رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد مان گم ٿيل واپاري سڪندر بروهي جي بازيابي لاءِ گھگھر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سڪندر بروهي کي 6 ڏينهن اڳ نامعلوم ڪار سوار پاڻ کي پوليس وارا سڏائي کڻي ويا جنهن جو اڃان تائين ڪو ڏس پتو ناهي کيس بازياب ڪرايو وڃي نصر الله بروھي،

تفصيل موجب لاڙڪاڻي جي رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد مان 6 ڏينهن اڳ گم ٿيل وڪيل روشن بروھي جي ڀاءُ ۽ واپاري سڪندر بروهي جي بازيابي لاءِ ملير جي علائقي گھگھر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 ان موقعي تي نصر الله بروهي، سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جي اڳواڻ جمشيد زھراڻي، امام بخش بروهي، لوڪ راڳي شهنشاهه شبير بگٽي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سڪندر بروهي انتھائي شريف ۽ ڪاروباري ماڻهو آهي

جنهن کي لڳ ڀڳ ڇھ ڏينهن اڳ ڪجهه نامعلوم ڪار سوار اھو چئي پاڻ سان گڏ وٺي ويا ته توکي رشيد وڳڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ صاحب گھرايو آهي جنهن جو اڃان تائين ڪو ڏس پتو ناهي ان سلسلي ۾ وارثن جڏهن ايس ايڇ او رشيد وڳڻ ٿاڻي سان رابطو ڪيو ته ھن لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته سڪندر بروهي اسان وٽ ناهي احتجاجي مظاهرو ڪندڙن جو موقف ھو

 ته اگر سڪندر کي پوليس گرفتار ناهي ڪيو ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي ان صورت ۾ به پوليس جي ذميواري بڻجي ٿي ته کيس بازياب ڪرائي ھنن آئي جي سنڌ، وزير اعلي سنڌ، چيف جسٽس سنڌ ھائي ڪورٽ، انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سڪندر بروهي کي بازياب ڪرائي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

جُون 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو