محمد حارث کي به ڪپتاني ملي وئي!

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث کي اي سي سي مينز ايمرجنگ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان شاهينز جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.

ايمرجنگ ايشيا ڪپ 14 کان 23 جولاءِ تائين سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو، ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون شريڪ ٿينديون ۽ مجموعي طور تي 15 ميچون کيڏيون وينديون.

پاڪستان شاهينز جي گروپ اي ۾ ڀارت، نيپال ۽ سريلنڪا جون ٽيمون شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ افغانستان، عمان، بنگلايش ۽ يو اي اي شامل آهن.

محمد حارث 5 ون ڊي انٽرنيشنل ۽ 9 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي ۽ پهريون ڀيرو پاڪستان شاهينز جي قيادت ڪندو.

اسڪواڊ ۾ محمد حارث ڪپتان، عمير بن يوسف نائب ڪپتان، عماد بٽ، ارشد اقبال، حسيب الله، ڪامران غلام، مهراڻ ممتاز، مبصر خان، محمد وسيم جونيئر، قاسم اڪرم، صاحبزادا فرحان، صائم ايوب، شاهنواز ڏاهاڻي، سفيان مقيم ۽ طيب طاهر شامل آهن.

ريزرو رانديگرن ۾ عبدالواحد بنگلزئي، محمد عباس آفريدي، محمد جنيد ۽ روحيل نذير کي شامل ڪيو ويو آهي.

جُون 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو