گهوٽڪي ۾ ٽن جوابدارن کي 5،5 سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيا سزا
گهوٽڪي (رپورٽ: محمد امین سومرو ) ميرپورماٿيلو سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپورماٿيلو جي عدالت پاران قتل جي ارادي سان يوسف شر مٿان فائرنگ ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي 5،5 سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيه ڏنڊ ٻڌائي ڇڏي،
تفصيل موجب سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپورماٿيلو جي عدالت پاران قتل جي ارادي سان يوسف شر مٿان فائرنگ ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي
ٽن جوابدارن جمال فقير، فقير محمد ۽ لال فقير کي 5،5 سال قيد ۽ ھڪ ھڪ لک ڏنڊ ٻڌائي ڇڏي آهي ياد رهي ته فريادي يوسف شر 2018 ۾ مذڪوره جوابدارن مٿان ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو.
جُون 23, 2023