ڏوڪري : جسقم ۽ سول سوسائٽي طرفان نادرا آفيس منتقل ٿيڻ خلاف علامتي بک هڙتال
ڏوڪري (رپورٽر) جسقم ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن طرفان نادره آفيس شفٽ ٿيڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي آهي. جسقم تعلقي ڏوڪري ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن رڪ سنڌي، ايم پي ڀان، شعبان ڪوري، آفتاب قريشي، امتياز ميراڻي، مشتاق ڀان جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍڻ بعد ٽائون ھال ڏوڪري ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي،
ان موقعي تي ھنن چيو ته نادرا آفيس ڏوڪري شهر کان ٻاھر باءِ پاس تي منتقل ڪرن ڏوڪري جي عوام سان ناانصافي آهي ڇو ته ڏوڪري باءِ پاس شهر کان اڍائي ڪلو ميٽر مفاصلي تا جنهن ڪري عورتن سميت عام ماڻهن کي سخت ڏکيايون پيش اينديون،
ھنن مطالبو ڪندي چيو ته نادرا آفيس لاءِ ڏوڪري شهر به سرڪاري بلڊنگ آهن جنهن ۾ شفٽ ڪري ڪم جاري رکيو وڃي ته بهتر آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته نادرا آفيس کي منتقل نہ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
جُون 23, 2023