چوٽياريون: جاني جوڻيجو واسي لونگهڻو ڍنڍ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) چوٽياريون لڳ ڳوٺ جاني جوڻيجو جو رھواسي 45 سالا شخص عطا محمد ولد راهب جوڻيجو لونگهڻو ڍنڍ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو تفصيل موجب چوٽياريون ويجهو ڳوٺ جاني جوڻيجو جو رهواسي عطامحمد ولد راهب جوڻيجو لونگهڻو ڍنڍ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو
فوتي او جي ڊي سي ۾ ملازم ھو ۽ عيد جي ڇٽيء تي گهر آيل ھو ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته سندس مال ڍنڍ جي هن ڀر ويل هو انهي کي ڳولڻ لاء هو ڍند ۾ لٿو پاڻي تار هجڻ ڪري هو ٻڏي فوت ٿي ويو
جنھن جي لاش کي ڳوٺاڻن جي مدد سان ٻاهر ڪڍي ورتو فوتي شادي شده ھو کيس هڪ پٽ جو اولاد هو سندس پٽ جي عمر 10سال آھي فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو
جُون 23, 2023