پاڪستان کي دهشتگردي جو ورثو آمريڪا سبب مليو: خواجا آصف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان کي دهشتگردي جو ورثو آمريڪا سبب مليو، آمريڪا خطي ۾ پاڻ دهشتگردي جو ناسور ڇڏي ويو، پاڪستان اڄ به ان کي منهن ڏئي رهيو آهي، اڄ به اسان جا فوجي جوان شهيد ٿي رهيا آهن.

آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ملاقات کانپوءِ وائيٽ هائوس جي پڌرائيءَ تي ردعمل ڏيندي خواجا آصف چيو ته پڌرائي جاري ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ها، واشنگٽن ئي گجرات ۾ دهشتگردي تي مودي جي ويزا بند ڪئي هئي، اڄ ڏهاڪن کانپوءِ هڪ دهشتگرد جي درخواست تي دهشتگردي روڪڻ جي درخواست ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته گجرات ۾ هزارين مسلمانن جو قتل، عورتن جي عزت سان کيڏيو ويو، مودي جا هٿ ان وقت به رت ۾ رڱيل هئا ۽ اڄ به آهن، اڄ به ڪشميري مسلمانن جو قتل عام جاري آهي، ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان اڄ به دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، پاڪستان کي دهشتگردي جو ورثو آمريڪا سبب مليو، آمريڪا خطي ۾ پاڻ دهشتگردي جو ناسور ڇڏي ويو ۽ پاڪستان اڄ به ان کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان جا فوجي جوان اڄ به شهيد ٿي رهيا آهن.

خواجا آصف چيو ته آمريڪا کي دهشتگردي جو پس منظر ياد رکڻ گهرجي، خطي ۾ دهشتگردي جو ٻج پوکڻ ۾ آمريڪا جو به ڪردار آهي ۽ ڀارتي حڪمران دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته آمريڪا پنهنجي اقتصادي مسئلن سبب اهڙي قسم جا بيان ڏئي رهيو آهي، آمريڪا ڀارت ۾ انساني حقن جي ڀڃڪرين ۽ قتل عام کي نظرانداز ڪري رهيو آهي.

جُون 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو