شهري مسئلن جو حل اسان جي اولين ترجيح آهي: ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل چيو آهي ته شهري مسئلن جو حل اسان جي اولين ترجيح آهي، شهر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين،
شهر کي ترقي يافته شهرن جي لسٽ ۾ شامل ڪرايو ويندو. شهر جي بهتري لاءِ صنعتن جو قيام ضروري آهي، ان سان نه رڳو صنعتي علائقي ۾ ترقي ٿيندي پر بيروزگاري به ختم ٿيندي،
اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه اجوا هائٽس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ملڪ حميد، منا ڀائي عرف شفيق۔ حاجي شبير۔ علي حسن منگي سيد فراز شاھ ۔امداد علي ڪلوڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل ربن ڪاٽي اجوا هائٽس جو افتتاح ڪيو
۽ پنهنجي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.ان کان اڳ ڊپٽي ميئر کي اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفا پيش ڪيا ويا۔
جُون 23, 2023