سکر : ينگ اتحاد بچل شاھ پاران سيپڪو خلاف بجلي جي لوڍ شيڍنگ خلاف احتجاجي ريلي
سکر (رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ)ينگ اتحاد بچل شاھ سکر پاران سيپڪو سکر خلاف بجلي جي غير اعلانيل لوڍ شيڍنگ خلاف ملڪ چوڪ بچل شاھ کان بائي پاس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ مختلف سياسي سماجي رھنمائن ۽ علائقي جي عوام ڀرپور شرڪت ڪئي
اڳواڻن احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سموري سکر بالخصوص بچل شاھ مياڻي ۾ سيپڪو طرفان ھن قيامت خيز گرمي ۾ غير اعلانيل لوڍ شيڍنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي 20 کان 24 ڪلاڪ لوڍ شيڍنگ ڪئي وڄي پئي سيپڪو عملدارن کان ڪو پڇڻ وارو ناھي بچل شاھ ۾ بجلي نه ھجڻ جي ڪري ڪاروبار مڪمل تباھ ٿي چڪا آھن معصوم ٻار ۽ گھرن ۾ عورتون انتھائي پريشاني کي منھن ڏئي رھيون آھن
اڳواڻ واپڍا جي اعلا عملدارن کان مطالبو ڪيو ته بچل شاھ کي پوري بجلي ڏني وڄي نه ته ٻي صورت ۾ سي اي او سيپڪو آفيس اگيان ڌڙڻو ھنيو ويندو
جُون 23, 2023