سيوهڻ: نادرا ملازم رقم وصولي ۾ ڪرپشن ڪرڻ لڳا، مستحق پريشان
سيوهڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ ۾ قائم ٿيل نادرا جي آفيس جو نئون ڪرپشن ڪرڻ جو انوکو طريقو، نادرا سيوھڻ جي آفيس جا ملازم آيل هر ماڻھون کان دستاويز جي مد ۾ پيئسا وصول ڪرڻ لڳا، نادرا آفيس سيوھڻ آيل سوين روز جي بنياد تي شھري ۽ ٻھراڙي جو عوام سخت پريشان نظر اچي رھيو آھي،
سيوهڻ تفصيل موجب نادرا سيوھڻ جي ملازمن جون من مستيون برقرار، ويجهي يا پري کان ايندڙ هر ماڻھو کان دستاويز جي گهرڪئي پئي وڃي۔ هر ماڻھو ڪارڊ ٺهرائي ته دستاويز ضروري ڏيو، جيڪڏهن پنج ماڻھون شناختي ڪارڊ ٺهرائين ته پنج دستاويز ڏيو، في دستاويز جو خرچو تقريبن 800 روپين تائين ٿئي ٿو ۽ سيوھڻ نادرا آفيس ايندڙ ماڻھون جو ڪرايو الڳ ٿيو وڃي ،
هڪ مهانگائي، ٻيو بيروزگاري ٽيون ماڻھو پري اچي اوچتو پريشان حال ٿيو وڃن، وڏي عجب جي ڳالھ اها به آهي ت سيوهڻ نادرا جي ملازمن پاران ايندڙ اٻوجھ ماڻھون کي سمجهائڻ لاء ڪوبه نادرا جو ماڻھون ناهي ويٺل غريب روز جي بنياد تي پريشان، سيوھڻ نادرا آفيس ۾ ايندڙ عوام جو ڪوب ڌڻي سائين نه آھي،
وري به غريب عوام کان نادرا سيوھڻ وارا مٿان ڊبل ڊبل خرچ ڪرائي رھيا آھن، نادرا آفيس جي ملازمن کي ڪير ب چوڻ وارو ن آھي، سيوھڻ نادرا آفيس جي انتظاميہ جي ملي ڀڳت سان ڪرپشن ڪرڻ جو نئون انوکو طريقو لڳو پيوآھي،
نادرا آفيس سيوھڻ ۾ آيل ٻھراڙي ۽ شهرين توڙي پري پري کان ايندڙ ماڻھون سخت پريشان نظر اچي رھيا آھن جڏھن ت سيوھڻ تعلقي جي عوام نادرا جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته هن جو نوٽيس وٺي انصاف ڪري غريب عوام کي رليف ڏنو وڃي
جُون 23, 2023