سيوهڻ : حضرت سيد قمبر علي شاهه جيلاني جو ٽي روزھ  عرس جون تقريبون شروع

Spread the love

سيوهڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوهڻ ويجهو نئينگ شريف ۾ کيرٿر جبل جي پھاڙي سلسلي ۾ واقع حضرت سيد قمبر علي شاهه جيلاني جو 723 هون ٽي روزا ساليانو عرس مبارڪ جاري.ميلي ۾ ملڪ جي چئن صوبن مان هزارين پانڌيئڙن جي اچڻ جو سلسلو جاري.

تفصيل موجب عرس مبارڪ جي شروعات درگاھ سيد قمبر علي شاھ جيلاني جي گادي نشين پير سيد صالح شاھ جيلاني ھزارين مريدن سان گڏ درگاه تي چادر چاڙهي دعائون گهريون ۽ دعائن گهرڻ کان پوءِ مريدن پاران نوراني نور ھر بلاء دور جا نعره پڻ ھنيا ويا. ميلي ۾ چوڏول، جھولا، رانديڪن جا دوڪان ۽ ڪشمش مٺائين جا دوڪان ب لڳايا ويا آھن،

جڏھن ت  ميلي ۾ سنڌ جي ڀلوڙ ملھ پهلوانن پڻ ملھ جا مقابلا ڪري ۽ انعام حاصل ڪيا ڏسندڙ خوب داد ڏئي مزو ماڻيو۔ ماڻھون کي لطف اندوز ڪرڻ لاءِ تمام سٺي نموني سان بازارون سجايون ويون آهن.، جڏھن ته سڀاڻي ٻپھري نماز کانپوءِ گادي نشين پير سيد صالح شاھ جيلاني طرفان خاص دعائون گهريون وينديون، جيلاني سيد جا مريد ۽ آيل عقيدتمند شرڪت ڪندا.

جُون 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو