روهڙي لڳ حاجي ارباب گهانگهرو واسين جو بااثر ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ)روهڙي ويجهو ڳوٺ حاجي ارباب گهانگهرو جي رھواسين جو بااثر ماڻهن پاران مبينا طور کاتي واري زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو بااثرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو،

تفصيل موجب روهڙي جي ڳوٺ ڪنڌرا واري علائقي ڳوٺ حاجي ارباب گهانگهرو جي رھواسين علي گل گهانگهرو، غلام حيدر ڏھر، محمد لائق ڪانڌڙو، عبدلجبار ٻرڙو، ۽ ٻين زرعي زمين ۾ بيھي احتجاجي مظاهرو ڪندي

 الزام هنيو آهي ته پاڙي ۾ رھندڙ جانوري برادري جا ماڻهو علي گل گھانگھري جي کاتي واري چار جريب کان وڌيڪ زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، مظاهرين چيو ته زرعي زمين سروي نمبر 429 مان چار جريب کان وڌيڪ زمين، اسان 15 سال اڳ جانوري برادري جي ماڻهن کان پئسن عيوض خريد ڪئي هئي

 جنهن جو قبضو ۽ کاتو اسان وٽ موجود آهي، ان باوجود جانوري برادري جا ڪجهه بااثر ماڻهو زبردستي اسان جي کاتي واري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن مظاھرين ڪميشنر ڊي سي سکر، اي سي روهڙي، مختيار ڪار روهڙي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته قبضا مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

جُون 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو