دادو: ڊوائيز هولڊرن جو مطالبن جي حق ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو غريب آباد پرائمري اسڪول ۾ قائم شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر جي ڊوائيز هولڊرن دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪري،

دادو پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڊوائيز هولڊرن عابد علي کوکر، الھجڙيو کوکر، جاويد کوکر چيو ته دادو جا نام نهاد صحافي سڏائيندڙ بيلڪ ميلر عطائين سجاد لاکو، مجتبٰی برھماڻي، اڪرم شاھاڻي، بابو جمالي ۽ ٻيا سينٽر تي پھچي اسان کان غيرقانوني ڀتو گھريو ڀتو نه ڏيڻ تان اسان کي ڪوڙيون آيف آء آرون داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن،

ڀتا گروپ اسان کي سخت پريشان ۽ ڌمڪايو پيو وڃي ڀٽو ڏيو يا ڪم بند ڪيو، ٻئي صورت ۾ اسان مٿان کان اوهان جو ڊوائيز سسٽم بند ڪرائي ڇڏينداسون جنھن سبب ھزارين عورتون متاثر ٿينديون ھنن چيو ته اسان نه ٿا چاھيون ڊوائيزون بند ٿين ڊوائيزون ھلنديون ته ھزارين متاثر عورتن جي مالي مدد ٿيندي،

 ھنن چيو ته اسان پنھنجي حق حلال جي روزي ڪري رھيا آھيون ۽ متاثر عورتن کي پنھنجو جائز حق ڏئي رھيا آھيون غلط ڪم نه پيا ڪريون، ھنن چيو ته ڀتاخور ٽولو گذريل 2 سالن کان ڀتي ڏيڻ لاءِ حراسان ڪري رهيو آهي

هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري ڀتاخورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ اسان سپورٽ پروگرام جو بائيڪاٽ ڪنداسين.

جُون 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو