اهو چوڻ ته سويلين جو ڪڏهن فوجي عدالتن ۾ ٽرائل نٿو ٿي سگهي درست ناهي: چيف جسٽس
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪو سويلين فوجي کي بغاوت تي اڪسائي ٿو ته ان جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿي سگهي ٿو، اهو چوڻ ته سويلين جو ڪڏهن فوجي عدالتن ۾ ٽرائل نٿو ٿي سگهي درست ناهي، ڏسڻو پوندو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪهڙي بنياد تي ڪيس فوجي عدالت منتقل ڪيا.
سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته منهنجي درخواست ٻين درخواستن کان الڳ آهي، مان درخواست ۾ آرمي ايڪٽ کي چئلينج نه ڪيو، منهنجو اهو موقف ناهي ته سويلينز جو آرمي ٽرائل نٿو ٿي سگهي، سويلينز جا آرمي عدالت ۾ ٽرائل ٿيندا رهيا آهن.
جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان آرمي ايڪٽ کي چئلينج نه ڪيو؟ فيصل صديقي چيو منهنجو اهو موقف ناهي ته آرمي ايڪٽ جي ڪا شق غير قانوني آهي، منهنجو موقف آهي ته من پسند ماڻهن جو آرمي ٽرائل ڪرڻ غلط آهي، آرمي ايڪٽ تحت مخصوص سويلينز جو ٽرائل آئين خلاف آهي.
جسٽس عائشا ملڪ پڇاڻو ڪيو ته ٻين ڪيسن ۾ ايڪٽ بابت ڪهڙو پرنسپل سيٽ ڪيو ويو آهي؟ ڪهڙن سببن جي بنياد تي سويلينز جو ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت ڪيو پيو وڃي؟
جسٽس منصور چيو آرمي ايڪٽ يا آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ته ٽرائل تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڳالهه قومي سلامتي جي هجي، سويلينز آرمي ايڪٽ يا آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪڏهن ڪئي؟ جڏهن توهان آرمي ايڪٽ چئلينج نه پيا ڪيو ته قانون جي ڳالهه ڪيو.
جسٽس اعجاز الاحسن وڪيل فيصل صديقي کان سوال ڪيو ته ڪهڙن ڏوهن تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ لڳندو آهي؟ آرمي ايڪٽ ڪڏهن عمل ۾ ايندو آهي اهو ٻڌايو، قانوني طور جيڪڏهن فوج سويلين جي حوالگي جو چئي ٿي ته ريفرنس وفاقي حڪومت کي موڪليو ويندو آهي، فوج چارج ڪري سگهي ٿي پر ٽرائل ته سول عدالت ۾ هلندو، ٻڌايو ڪمانڊنگ آفيسر انتظامي جج کان ڪهڙي بنياد تي سويلين جي حوالگي جو مطالبو ڪندو؟ ڪو دستاويز ته ڏيکاريو، جنهن جي بنياد تي سويلينز جي حوالگي جو مطالبو ٿيندو آهي.
جسٽس مظاهر پڇاڻو ڪيو ته توهان اهو نٿا ٻڌائي سگهو ته ڪهڙن داخل ڪيسن ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جا قلم شامل ڪيا ويا، اهو به ٻڌايو ته ڪمانڊنگ آفيسر ڪيئن سويلينز جي حوالگي جو مطالبو ڪري سگهي ٿو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪو سويلين ڪنهن فوجي کي بغاوت تي اڪسائي ٿو ته ان جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿي سگهي ٿو، اهو چوڻ ته سويلين جو ڪڏهن فوجي عدالتن ۾ ٽرائل نٿو ٿي سگهي درست ناهي، ڏسڻو پوندو ته سويلينز کي فوجي عدالتن جي اختيارن جي دائري ۾ آڻڻ جو ڪهڙو طريقي ڪار اختيار ڪيو ويو، ڏسڻو پوندو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪهڙي بنياد تي ڪيس فوجي عدالت منتقل ڪيا.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڏوهن جو پتو فوج کي ئي لڳائڻو آهي، فوج دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سويلينز جي حوالگي جي درخواست ڏئي سگهي ٿي پر فوج کي سويلينز جي حوالگي ۾ ٺوس بنياد نه ڏنو ويو.
عدالت درخواستن تي ٻڌڻي 26 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، چيف جسٽس چيو سومر تي سلمان اڪرم راجا جي دليلن کان شروعات ڪئي وڃي، پاڻمرادو نوٽيس وٺنداسين ۽ نه جڊيشل آرڊر ڪنداسين پر سڀ ڳالهيون نوٽ ڪري رهيا آهيون، ڪوشش هوندي ته ان ڪيس جو نتيجو اڱاري تائين نڪري اچي.
