آمريڪا ۽ ڀارت جي وڌندڙ لاڳاپن سان پاڪستان غير محفوظ نه ٿي ويندو: بلاول ڀٽو زرداري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آمريڪا – ڀارت جي وڌندڙ لاڳاپن سان پاڪستان غير محفوظ نه ٿي ويندو.

قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته دنيا جي سياست کان ٿورو پري رهي ۽ پنهنجي پاڻ تي ڌيان ڏئي، مان نٿو سمجهان ته آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن سان پاڪستان آمريڪا سميت عالمي برادري جي لاڳاپن جي حوالي سان غير محفوظ ٿي ويندو.

هن چيو ته جڏهن اسان جا پنهنجا معاشي مسئلا حل ٿي ويندا ته پوءِ دنيا ۾ پنهنجا هدف حاصل ڪنداسين، اسان اڳ به پنهنجي پيرن تي بيٺا هئاسين، اڳتي به بيهنداسين، اسان آمريڪا – ڀارت جي گڏيل پڌرائيءَ سبب نه پر پنهنجي ملڪ خاطر دهشتگردي خلاف جنگ ڪري رهيا آهيون.

جُون 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو